سنڌ

زرعي يونيورسٽي کي بخشڻ مهراڻوي جي شاگرد ھجڻ تي فخر آهي:فتح مري

سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ سنڌ جي نامياري شاعر، اينڪر پرسن، ڪمپيئر ۽ شاعر بخشڻ مهراڻوي سان سرهي سانجهه ملهائي وئي، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ٽيچرس اسٽوڊنٽس انگيجمينٽ پروگرام ۽ يو ايس اي المنائي سوسائٽي جي ميزباني ۾ يونيورسٽي مان پڙهندڙ رول ماڊل ۽ متاثر ڪندڙ شخصيتن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگرد بخشڻ مهراڻوي سان سرهي سانجهه ملهائي وئي، تقريب ۾ سنڌ سميت ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن کان آيل استادن، شاگردن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي، پروگرام جي صدارت يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري ڪئي، ان موقعي تي هن خطاب ڪندي چيو ته هن بخشڻ مهراڻوي سميت ڪيترائي گل پيدا ڪيا، اهو يونيورسٽي لاءِ اعزاز آهي ته زرعي يونيورسٽي جي شاگرد بخش مهراڻوي پرائيد آف پرمانس، لطيف ايوارڊ، سچل ايوارڊ سميت ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا آهن، يونيورسٽي کي بخشڻ مهراڻوي جي پراڻي شاگرد ھجڻ تي فخر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button