اسلام آبادپاڪستان

طالبان پرڏيهي دهشتگرد گروپن سان لاڳاپا ختم ڪن:ٽرائيڪا پلس فورم

اسلام آباد : آمريڪا، روس، چين ۽ پاڪستان جي افغانستان لاءِ خاص نمائندن اسلام آباد ۾ اجلاس کانپوءِ گڏيل بيان ۾ طالبان تي زور ڏنو آهي ته اهي هڪ وسيع البنياد حڪومت ٺاهڻ لاءِ ٻين افغانين سان گڏجي ڪوشش ڪن. خميس تي ٿيندڙ اجلاس کان پوءِ جاري ڪيل بيان ۾ ٽرائيڪا پلس فورم طالبان تي زور ڏنو ته اهي پرڏيهي دهشتگرد گروپن سان لاڳاپا ختم ڪن ۽ انهن جي خلاف هڪ فيصلائتي ڪارروائي ڪن. بيان ۾ چيو ويو ته طالبان ان ڳالهه تي عمل ڪن ته افغانستان جي سرزمين پاڙيسرين جي خلاف استعمال نه ٿئي. اهي پاڙيسري ملڪن لاءِ هڪ هاڪاري رويو اختيار ڪن ۽ پرڏيهي قانوني ذميواريون کي نظر ۾ رکندي، عورتن ۽ ڇوڪرين جي تعليم جو خيال رکن، بيان ۾ طالبان کي چيو ويو ته اهي گڏيل قومن ۽ ٻين پرڏيهي ادارن جي ميمبرن کي عوام تائين امداد پهچائڻ لاءِ کين سهولتون ڏين گڏيل بيان ۾ افغانستان ۾ موجوده انساني ۽ اقتصادي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي افغانستان سان هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو ويو بيان ۾ طالبان جي انهن واعدن جي آجيان ڪئي وئي ته اهي افغانستان مان ويندڙ سمورن ماڻهن کي وڃڻ جي اجازت ڏيندا بيان ۾ چيو ويو ته طالبان ان ڳالهه جو خيال رکندا ته ايئرپورٽس تي سهولتون مهيا ڪيون وينديون ته جيئن ٻاهر ويندڙ ماڻهن کي سولائي ٿئي چئن ملڪن جي بيان ۾ طالبان تي زور ڏنو ويو ته اهي عورتن ۽ ڇوڪرين کي سمورن شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جا هڪ جيترا موقعا ڏين اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته طالبان سان رابطا قائم رهندا ته جيئن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام اچي سگهي. گڏيل بيان ۾ پرڏيهي برادري پاران افغانستان کي انساني امداد فراهم ڪرڻ جي آجيان ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button