سنڌ

کدڙا فقيرن کي گهٽ وياج تي قرض ڏنو وڃي:ايس آر سي پي

انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، وڪيلن ۽ صحافين مطالبو ڪيو آهي ته کدڙا فقيرن کي حڪومتي مالي امداد جي اسڪيمن ۾ شامل ڪري کين بينڪن مان گهٽ وياج تي قرض ڏنو وڃي ته جيئن هو پنهنجو ڪاروبار کولي هن معاشري ۾ پنهنجو مقام ٺاهي سگهن. کدڙن جي فلاح و بهبود ۽ سندن حقن بابت جوڙيل قانون تي عمل ڪيو وڃي. ان ڏس ۾ هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان طرفان “کدڙا فقير ۽ پاڪستان ۾ انهن جا حق” جي عنوان سان فڪري ويهڪ ٿي. ان موقعي تي ايڇ آر سي پي حيدرآباد جي ريجنل ڪوآرڊينيٽر پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ سڀني کي برابري جا حق حاصل آهن پر کدڙن فقيرن کي جنس جي بنياد تي معاشري ۾ اها عزت نٿي ملي، ايتري تائين جو حڪومتي سطح تي مالي امداد ۾ به کين نظرانداز ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button