سنڌ

جاتي ۽ شاهبندر جا 26 ماهيگير ڀارت ۾ سالن کان قيد،آزادي لا ريلي

فشر فوڪ فورم ڀارت ۾ قيد جاتي ۽ شاھبندر واسي 26 ماھيگيرن جي آزادي لا ساحلي پٽي جي سوين ماھيگيرن ۽ قيد ماھيگيرن جي وارثن ۽ ٻارن سان گڏجي بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي جاتي ۾ حسيني چوڪ کان ريلي ڪڍي شھيد فاضل راھو چوڪ تي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ نور محمد ٿھيمور، عادل لغاري، خادم ونگائي، ابراھيم ٿھيم ۽ نثار ٿھيم چيو ته جاتي ۽ شاھبندر جا 26 ماھيگير ڪيترن سالن کان ڀارتي جيلن ۾ قيد آھن، اسان کي اھا به خبر ناھي ته ھو ڪھڙي حال ۾ آھن. ھنن چيو ته سير ڪريڪ ويجھو جھينگو مڇي وڏي تعداد ۾ ھجڻ ڪري ماھيگير پنھنجي ٻچن جي گذر لا مڇي جھينگي جو شڪار ڪرڻ لا وڃن ٿا ۽ شڪار جي لالچ ۾ ڀلجي ڀارتي بارڊر فورس کين بلا جواز گرفتار ڪري وٺي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button