سنڌ

خيرپور ۾ نوجوان کي گم ڪرڻ تي پوليس خلاف احتجاج

بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳاڙھي پل جي رھواسين ضمير شيخ، فاروق، ھمٿ، بخت شيخ ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس هفتو اڳ ڳاڙھي پل تان ملھه پھلوان غلام حيدر شيخ جي پٽ غلام مصطفيٰ شيخ کي رات جو گھر ۾ داخل ٿي بنا جواز کنڀي کڻي ويا، جنهن جو هڪ هفتو گذرڻ باوجود ڪوبه ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ڪجھه به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي. ھنن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته بي سيڪشن پوليس نوجوان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائيندي هاف فرائي يا فل فرائي نه ڪري ڇڏي، هنن چيو ته نوجوان اناج کجور منڊي ۾ پورهيو ڪري پنهنجو ۽ ٻچن جو پيٽ پاليندو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس خلاف ڪارروائي ڪري نوجوان آزاد ڪرائي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button