سنڌ

صحافي علي شير جي قتل ۾ جوابدار کي 2 ڀيرا عمرقيد جي سزا

نوشھرو فيروز جي اي ٽي سي عدالت جي جج پڊعيدن جي شھيد صحافي علي شير راڄپر جي قتل ڪيس ۾ جوابدار کي 2 ڀيرا عمرقيد جي سزا جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. خبر موجب 2 سال 7 مهينا اڳ 4 مئي 2019ع تي پڊعيدن سٽي پريس ڪلب جي صحافي علي شير راڄپر کي چار مئي 2019 تي پڊعيدن پريس ڪلب ٻاھران سرعام گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ھو جنھن بعد پڊعيدن ٿاڻي تي سندس ڀاءُ دائود راڄپر جي فرياد تي چئن جوابدارن خلاف اي ٽي سي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو ھو. اڍائي سال اھو ڪيس دھشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ ھليو، جنهن جو ڪالهه ڪورٽ سڳوري فيصلو ٻڌائيندي جوابدار حبيب الله راڄپر کي 2 ڀيرا عمر قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي ۽ 13 ڊي ۾ ست سال قيد ۽ ھڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آھي، باقي 3 جوابدارن اڳوڻي چيئرمين شڪيل راڄپر، نظر محمد ۽ غلام علي کي شڪ جي بنياد تي بري ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button