سنڌ

لمس ۾ يوٿ ڪانفرس،شاگردن ٽيبلوز پيش ڪيا

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽ افيئرس پاران ٽن ڏينهن واري يوٿ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن جي افتتاحي تقريب ۾ لمس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ، رجسٽرار ڊاڪٽر حاجي محمد شيخ، ڊائريڪٽر اڪيڊمڪس ڊاڪٽر ثمرين ميمڻ، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو ۽ ٻين مهمان خاص طور شرڪت ڪئي, يوٿ ڪانفرنس ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف قسم جا ٽيبلوز پيش ڪيا، جڏهن ته ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس پاران مهمان خاص کي اجرڪن جا تحفا ۽ شيلڊون پڻ پيش ڪيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button