عالمي

افغانستان ۾ جمعي نماز دوران ڌماڪو، 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل: افغانستان جي صوبي ننگرهار جي مسجد ۾ ڌماڪي جي ڪري 3 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. پرڏيهي ميڊيا موجب ننگرهار جي علائقي اسپن غر جي مسجد ۾ ٿيندڙ ڌماڪي ۾ 15 ماڻهو زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد جي لاءِ مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي افغان ميڊيا ٻڌايو ته جمعي جي نماز دوران ڌماڪي سبب 3 ڄڻا فوت جڏهن ته 15 زخمي ٿي پيا آهن. ڪنهن به گروپ طرفان اهڙي ڌماڪي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي وئي، تنهن هوندي به افغان اختيارين جو چوڻ آهي ته علائقي جي سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ خوست، پڪتيا، قنڌار ۽ هرات ۾ به جمعي جي نماز دوران مسجدن ۾ ڌماڪا ٿيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button