سنڌ

نصيرآباد پوليس چار ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل نوجوان کي گولي هڻي ڇڏي

نصيرآباد گاجي کهاوڙ روڊ تي مسافر جِي قبر ڀرسان پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ ڦورو طالب حسين ولد علي حسن ميربحر کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جِي دعوا ڪئي، جڏهن چار ڦورو اونداھي ۾ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، زخمي ڦورو کي نصيرآباد هيلٿ سينٽر کان لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايڇ او نصيرآباد ذاڪر سانڊاڻو ٻڌايو ته ڪجھ ڏينھن اڳ رفيق شيخ کان لکين روپيا ڦر ٿي هئي، ان واردات ۾ طالب ميربحر، سجاد شيخ، صغير عرف صغو ڪانڌڙو، ارشاد ٻٻر، رشيد ۽ اظهر ڪانڌڙو گذريل رات ڦر جي ارادي سان تاڙ ۾ بيٺل هئا ته ڦورن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ۽ ٻين جِي ڳولا جاري آهي.

هوڏانهن وارثن دانهيندي ٻڌايو ته ايس ايڇ او نصيرآباد اسان جي نوجوان طالب ميربحر کي چار ڏينهن اڳ جاچ لاءِ کڻي ويو هو، جنهن کي گذريل رات جڙتو مقابلو ڄاڻائي ڄنگهھ ۾ گولي هڻي نوجوان جِي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي. زخمي نوجوان جي وارثن واقعي جي عدالتي جاچ ۽ نوجوان کي انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button