اسلام آبادپاڪستان

راجا پرويز اشرف ۽ گيلاني جي درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري

اسلام آباد :سلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي عدالت ۾ اڳوڻي چيئرمين اوگرا توقير صادق جي غيرقانوني مقرري ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ يوسف رضا گيلاني به نيب ترميمي آرڊيننس تحت درخواست داخل ڪري ڇڏي، جنهن کان پوءِ عدالت جواب لاءِ نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان دوران راجا پرويز اشرف ۽ يوسف رضا گيلاني کان علاوه اڳوڻي سيڪريٽري سڪندر حيات ميڪن جاويد نذر، شوڪت حيات دراني به نيب ريفرنس کي چيلينج ڪندي ريفرنس رد ڪري ڪرپشن ريفرنس کان بري جي استدعا ڪئي. درخواست ۾ چيو ويو ته نيب ترميمي آرڊيننس تحت ڪيس احتساب عدالت جو نٿو بڻجي. ريفرنس رد ڪري ڪيس کان بري ڪيو وڃي، جنهن کان پوءِ عدالت جواب لاءِ نيب کي نوٽيس جاري ڪندي شنوائي 19 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button