اسلام آبادپاڪستان

فيصل واوڊا جي نااهلي ڪيس جي شنوائي روڪرائڻ بابت درخواست رد

اسلام آباد:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصل واوڊا جي پنهنجي خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ نااهلي ڪيس جي شنوائي روڪرائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله درخواست جي شنوائي ڪئي. فيصل واوڊا اليڪشن ڪميشن کي 12 آڪٽوبر جو فيصلو چيلينج ڪندي شنوائي روڪڻ جي درخواست ڪئي. چيف جسٽس اطهر من الله فيصل واوڊا جي وڪيل کي چيو ته اوهان کي ڪهڙو ڊپ آهي، اليڪشن ڪميشن کي فيصلو ڪرڻ ڏيو. وڪيل ٻڌايو ته هي ڪيس سينيٽ اليڪشن بابت آهي، اليڪشن ڪميشن ڪاميابي جي 60 ڏينهن ۾ اهليت جو فيصلو ڪري سگهي ٿو. اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي روڪي فيصل واوڊا جي خلاف فيصلو غيرقانوني قرار ڏنو وڃي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته 60 ڏينهن جي مدي ۾ فيصل واوڊا خلاف درخواست اچي چڪي هئي. اوهان بي گناهي ثابت ڪريو، جيڪڏهن اوهان جا هٿ صاف آهن ته اليڪشن ڪميشن کي قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ ڏيو، اوهان کي اليڪشن ڪميشن کان ڪارروائي جو ڪهڙو ڊپ آهي؟ جنهن کان پوءِ عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ تي رد ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button