اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا 9 مريضن جون حياتيون کسي ورتيون،391 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد :ملڪ ۾ ڪرونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 9 مريض فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 574 ٿي ويو. ڪالهه نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي جاري ڪيل تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 391 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پاڪستان ۾ ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 79 هزار 142 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 4 لک 41 هزار 631، سنڌ ۾ 4 لک 73 هزار 52، خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 78 هزار 926، بلوچستان ۾ 33 هزار 383، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 400، اسلام آباد ۾ هڪ لک 7 هزار 249، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 501 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 13 لک 18 هزار 930 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 38 هزار 524 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 27 هزار 228 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 158 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button