سنڌ

جوهي ۾ عرب شڪارين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي ڌرڻو

ڪاڇي ۾ ناياب پرڏيھي پکين جي نسل ڪشي خلاف جوھي ۾ ٻئي ڏينھن به حاجي احمد جمالي، مھرالله، سمير گراماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي اڳواڻن چيو ته ڪاڇي اندر عرب شڪاري ۽ سندن مددگار راکا ناياب پرڏيھي پکين جو سرعام قتل عام ڪري رھيا آھن، جڏھن ته عرب شڪارين جي راکن پوري علائقي کي مقامي ماڻھن لا نوگو ايريا بڻائي ڇڏيو آھي، جتي مقامي ڳوٺاڻن جي پنھنجي ذاتي زمينن تي اچ وڃ ۽ چر پر تي پابندي لڳائي ڇڏي آھي. هنن چيو ته اسان لکين روپيا خرچ ڪري زمينن تي ھر ڪاھي سرنھن جو فصل پوکيو آھي, ور عرب شڪاري ۽ سندن مددگار راکا روازنو اسان جي پوکيل فصل تان گذري انکي تباهه ڪري رهيا آهن. ھنن چيو ته اسان جي ٻه سئو ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي عرب شڪارين ۽ انھن جي ھٿياربند سھولتڪارن جو قبضو آھي, اسان جا گھر ڀاتي ۽ زمين تي ھارپو ڪندڙ ھارين کي موتمار ملندڙ ڌمڪين سبب گھرن تائين محدود ٿي ويا آھن. هنن مطالبو ڪيو ته ڪاڇي اندر ايمرجنسي ۾ شڪار تي پابندي لڳائي ناياب پرڏيھي پکين جي نسل ڪشي بند ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button