سنڌ

شيخ رشيد ملڪ ۾ باهه لڳائڻ جي سازش پيو ڪري:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شيخ رشيد احمد ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام لڳائي رهيو آهي، شيخ رشيد سياسي يتيمي ۽ سياسي بيروزگاري جو شڪار ٿي چڪو آهي. شيخ رشيد پنھنجي سي وي کڻي ھٿ پير ھڻي رهيو آهي پر پاڪستان پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ جي يو آئي ف کيس نوڪري تي رکڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته شيخ رشيد لال حويلي مان بيدخل ٿيڻ کان بچڻ لاءِ بي بنياد الزام لڳائي ملڪ ۾ باهه لڳائڻ جي سازش ڪري رهيو آهي. ھن چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو لڳائي ڏکين حالتن ۾ ملڪ کي بچائي ورتو هو، صوبائي وزير چيو ته ڌرڻا ھڻڻ ۽ احتجاج ڪرڻ پي ٽي آئي ۽ ان جي حامين جو مقدر بڻجي ويو آهي، غيرسياسي ماڻهن کي مصنوعي طريقي سان قوم تي مڙهيو ويو هو، لاوارث ٿيڻ کان پوءِ اهي ماڻهو پنھنجا حواس وڃائي چڪا آهن، اھي ڄاڻين ٿا ته سهاري کانسواءِ هو يونين ڪائونسل جو اليڪشن به نٿا کٽي سگهن، تنھن ڪري حڪومت تي دٻاءُ وجھڻ لا واويلا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته محسن نقوي جي چونڊ اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون جي مطابق ڪئي آهي، محسن نقوي سٺي شهرت رکڻ واري شخصيت آهي. صوبائي وزير اطلاعات چيو ته چوڌري پرويز الاهي، فواد چوڌري جي گرفتاري جو جشن ملهائي رهيو آھي، پي ٽي آئي ۽ سندن حامي پنهنجي شڪست کي ڏسي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي هر شي کي تڪراري بڻائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن، هي چاهين ٿا ته سندن مرضي جا ماڻهو لڳايا وڃن، ھن چيو ته لڳي ائين ٿو ته عمران خان گرفتاري جي خوف ۾ زمان پارڪ جي ٻرڙ ۾ لڪي ويٺو آھي، ماڻهن جو ٻاهر احتجاج گڏ ڪري عمران خان سمجهي ٿو ته هو چندي جي پيسن کي ريئل اسٽيٽ ۾ استعمال ڪرڻ، مني لانڊرنگ جي چٽن ثبوتن، توشا خانه ۾ ڌاڙن، بي آر ٽي پشاور ۽ مالم جبا ڪيسن کان بچي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button