اسلام آبادپاڪستان

سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور

اسلام آباد :سينيٽ جي اجلاس ۾ سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف پيش ڪيل مذمتي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي. جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد مذمتي ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته سينيٽ قرآن پاڪ کي ساڙڻ، ڦاڙڻ ۽ بي حرمتي تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان اهڙي انتهاپسندي ۽ جنونيت خلاف ڀرپور احتجاج ڪري رهيو آهي. اسلامو فوبيا جي بنياد تي نفرت آميز، برائي عمل جي مذمت ڪريون ٿا. جڏهن ته بچا واري وفاقي وزير خواجا آصف سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اولهه جي ملڪن ۾ پروان چڙهيل اسلاموفوبيا دنيا جي امن لاءِ خطرو آهي. ڀارت ۽ اسرائيل ڪشميري ۽ فلسطيني مسلمانن خلاف دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهن. جمعي ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي واري واقعي خلاف ٺهراءَ تي بحث ۾ حصو وٺندي خواجا آصف چيو ته سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي افسوسناڪ آهي، ان جي مذمت ڪريون ٿا. اهڙن واقعن جي روڪٿام انتهائي ضروري آهي، اسان کي اهڙن واقعن خلاف ايڪتا جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هڪ طرف هولوڪاسٽ تي نڪته چينيءَ کي ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي ته ٻئي طرف اسلام مخالف قدمن کي اظهار جي راءِ جي آزاديءَ جو نالو ڏنو پيو وڃي. فلسطينين تي رياستي سرپرستيءَ ۾ ظلم برپا آهي، انهن مظلومن لاءِ اسرائيل جي حڪومت کي وڏن اولهه وارن ملڪن جي سرپرستي آهي، اسرائيل جي مظلوم فلسطيني مردن ۽ عورتن خلاف دهشتگردي جو مرتڪب ڪيو پيو وڃي، جيڪو سراسر غلط آهي، ان باوجود اسرائيل کي هٿيارن لاءِ اربين ڊالر ڏنا ويندا آهن. هن چيو ته ڀارت ۾ بي جي پي جي حڪومت اقليتن خاص ڪري مسلمانن خلاف دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهي، ڀارتي وزيراعظم نريندي مودي گجرات ۾ مسلمانن تي ظلم جو ذميدار آهي، ڀارت ۽ اسرائيل دهشتگردن جي سرپرستيءَ ڪرڻ واريون رياستون آهن. مسلمان رياستون متحد ناهن پر انتشار جو شڪار آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button