اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان هن ئي مهيني معاهدو ٿي ويندو:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان هن ئي مهيني معاهدو ٿيندو ۽ ڏکيائين مان نڪرنداسين. ڪالهه اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان انهي صورتحال ۾ آهي، جتي هڪ هڪ ٽڪو بچائي رهيا آهيون، هي ڏکيو وقت آهي. هن چيو ته اسان کي ڏکين حالتن ۾ حڪومت ملي پر ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍنداسين، فارن ايڪسچينج ريزرو کي ڏسي امپورٽ کي هٿي جي لحاظ سان فهرست تيار ڪئي آهي، کاڌي پيتي ۽ دوائن سميت ٻيون شيون فهرست ۾ شامل آهن. سندس چوڻ هو ته اسان ڪيستائين ٻين جي آسري تي هلنداسين؟ سفر ڏکيو ضرور آهي پر ناممڪن ناهي. شرط اهو آهي ته قرباني ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻو پوندو ۽ رات ڏينهن محنت ڪرڻي پوندي، هي ملڪ اڳتي وڌندو. شهباز شريف چيو آهي ته مشڪلاتن جو ڄمي مقابلو ڪندڙ قومون ئي ترقي ڪن ٿيون، ملڪ کي موجوده ڌُٻڻ مان ڪڍنداسين، اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدو هلندڙ مهيني ٿي ويندو، گذريل حڪومت پاران ادارن تي بي بنياد الزام بازي ۽ چيني ڪمپنين تي ڪرپشن جي الزامن سان چيني عملدارن کي تڪليف پهتي، انهن لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ لاءِ برف وگهِري رهي آهي. ايم ايل ون منصوبي کي مڪمل ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، ڏينهن رات محنت ڪري دنيا ۾ پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪنداسين، دنيا ۾ حڪومتون گورننس جي ذميوار آهن اهي ادارا ناهن هلائينديون، اسان پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي نظر ۾ رکي پنهنجي ترجيحن جو تعين ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف گرين لائين ٽرين سروس جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق، ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته گرين لائين جنهن جو بنياد نواز شريف جي گذريل دور ۾ رکيو ويو هو ۽ بدقسمتي سان بيشمار ٻين منصوبن وانگر اهو منصوبو به بعد جي حڪومت ۾ دم ٽوڙي ويو، اسان ان سروس کي نئين سر جاري ڪرڻ تي اسان الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريون ٿا ۽ ريلوي واري وزير ۽ چيني ڪمپنين کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته هينئر ويگنز جو معائنو ڪيو اهي جديد سهولتن سان ليس آهن، ريلوي وارو وزير آئوٽ سورسنگ تي يقين رکي ٿو ۽ موجوده دور ۾ ترقي جي سيڙهي اهائي آهي، ان سان ريلوي ۾ بهتري ايندي ۽ پاڪستان ريلوي کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته حڪومتن جو ڪم ادارا هلائڻ نه آهي پر گورننس هوندو آهي. هن چيو ته حڪومتون اينديون وينديون رهنديون آهن پاڪستان اڄ ان ٻه واٽي تي بيٺو آهي، جتي هڪ هڪ پئسو بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جي صورتحال ڏسي اسان ترجيحون مقرر ڪيون آهن، جنهن ۾ خوراڪ ۽ دوائن جي درآمد کي اولين ترجيح ڏني وئي آهي، پوري اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان هن مهيني معاهدو ٿي ويندو ۽ انهن مشڪلاتن مان نڪري وينداسين. هن چيو ته هي مشڪل وقت آهي، پاڪستان دنيا ۾ ماحولياتي آلودگي ۾ رڳو هڪ سيڪڙو حصو هجڻ جي باوجود ان جو شڪار ٿيو ۽ بدترين ٻوڏ آئي، اتحادي حڪومت ڏينهن رات ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button