سنڌ

ملڪ دشمن قوتون هڪ ڀيرو ٻيهر سرگرم ٿي ويون آهن:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پشاور جي مسجد ۾ آپگهاتي بم ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ شهادتن تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات کاتي جي وزير چيو ته ملڪ دشمن قوتون هڪ ڀيرو ٻيهر سرگرم ٿي ويون آهن ۽ ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي سازشن ۾ رڌل آهن. هن چيو ته بيگناهه ماڻهن جو رت وهائڻ ڪنهن به مذهب ۽ معاشري ۾ قبولڻ جوڳو عمل ناهي. ھن چيو ته ملڪ دشمن قوتون پاڪستان جي ترقي نٿيون چاهين، ھن چيو ته قوم متحد آهي ۽ ملڪ خلاف اھڙين سازشن جو مقابلو ڪرڻ جي سگھه رکي ٿي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته اسان کي خراب ۽ سٺن واري اصطلاح مان نڪرڻو پوندو. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات واري وزير شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button