پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ ٻن پيرسن ڀائرن جي بااثرن جي زيادتين خلاف پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش

مٺي: مٺي ۾ سروي زمين تي بااثرن جي قبضي خلاف 2 پيرسن ڀائرن ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هڻي پاڻ مٿان پئٽرول هاري باھه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران واپارين، شهرين ۽ پوليس کين سڙڻ کان بچائي ورتو. ٻن ڀائرن گوتم لهاڻو ۽ وشنو لهاڻو پ پ ايم اين اي ۽ مملڪتي وزير ڊاڪٽر مهيش ملاڻي ۽ سندس مامي ڀڳت ماتورام مٿان زمين تي زبردستي قبضي جو الزام هنيو. ان موقعي تي متاثر ڀائرن الزام هنيو ته اسان جي سروي ماروثي زمين تي مملڪتي وزير ڊاڪٽر مهيش ملاڻي جي مامي ماتورام ڀڳت قبضو ڪيو آھي، بااثر ماڻهن جي ظلم کان تنگ ٿي احتجاج طور پاڻ کي باهھ ڏئي ساڙڻ پهتا آھيون. اسان جي خاندان جي رڳو ملڪيت زمين آهي، جنهن تي پڻ ظالمن قبضو ڪيو آھي. بااثر ماڻهن سان وڙھي نٿا سگهون، ان ڪري موت کي ترجيح ڏيون ٿا، اسان جي موت جا ذميوار پڻ ڄاڻايل بااثر ماڻهو هوندا، جن خلاف ڪيس داخل ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. هنن چيو ته اسان بااثرن جي بنگلن ۽ روينيو آفيسرن وٽ دربدر ٿياسين، پر ڪٿان به انصاف نه مليو. پيرسن ڀائرن کي پوليس ۽ شھرين انصاف جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو ۽ کائن پئٽرول جون بوتلون ڦري ورتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button