پاڪستانسنڌ

ڪلوئي ۾ مختيارڪار جا ڇاپا، اٽو مهانگو وڪرو ڪرڻ تي پڇاڻو

ڪلوئي: ڪلوئي تعلقي جي مختلف علائقن ۾ سرڪاري ڪوٽا واري ڪڻڪ جو اٽو مهانگو وڪرو ڪرڻ واري شڪايتن بعد مختيارڪار ڪلوئي سجاد احمد انصاري مختلف فلور ملز تي پهچي مالڪن کان سخت پڇاڻو ڪيو ۽ کين سرڪاري اگهه تي اٽو وڪرو نه ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ جو چتا ڏنو. هوڏانهن عوامي پريس ڪلب اڳيان مختلف علائقن جي رهواسين قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ زاھد لنڊ، بچايو لنڊ، چيتن لوهار، محمد لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن چيو ته سرڪاري ڪوٽا واري ڪڻڪ ملڻ باوجود فلور ملز مالڪ سرڪاري اگهه تي اٽو وڪرو نٿا ڪن، جيڪو ظلم آهي. هنن گهر ڪئي ته چڪي مالڪن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button