سنڌ

نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ئي دهشتگردن جو علاج آهي:بلاول ڀٽو

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پشاور ۾ آپگهاتي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. هڪ بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردن جو سرگرم ٿيڻ انتهائي خطرناڪ آهي، حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪندي دهشتگردي جي نرسرين کي تباهه ڪري. هن چيو ته وفاقي ۽ نگران صوبائي حڪومت دهشتگردي منصوبابندي ڪندڙ ۽ سهولتڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻين. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته ننڍي ۽ عام چونڊن کان اڳ دهشتگردي جا واقعا سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا، دهشگردن، سندن سرپرستن ۽ سهولتڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان ئي دهشتگردن جو علاج آهي ۽ ان تي سختي سان عمل ڪيو ويندو، پ پ ڪارڪن ۽ عهديدار رت جو عطيو ڏئي زخمين جون حياتيون بچائين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button