پاڪستانسنڌ

چيلهار ڀرسان ناياب نسل جو هرڻ مئل حالت ۾ هٿ

چيلهار: چيلهار ڀرسان ناياب نسل جو هرڻ مئل هٿ آيو. ڀوريلو روڊ تي ڦليو اسٽاپ وٽ مئل هرڻ هٿ آيو آهي. ڳوٺاڻن موجب ناياب قسم جو هرڻ روڊ جي پاسي منجهھ مئل حالت ۾ مليو، جنهن جون هڏيون ٽٽل آهن، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته نامعلوم گاڏي سوار هرڻ کي ٽڪر هڻي ويا، خبر نٿي پوي ته اتفاقي حادثو آهي يا شڪارين هرڻ کي گاڏي جو ٽڪر هڻي ماريو آهي، اسان وائيلڊ لائيف کاتي جي عملدارن جا نمبر لڳايا، پر اهي بند پيا آهن، ٽيم ناهي پهتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button