ڊالر 7 رپيا 3 پئسا مهانگو ٿي ويو. ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن به ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري رهيو، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 7 رپيا 3 پئسا مهانگو ٿي ويو.انٽر بئنڪ ۾ پهريون ڀيرو قيمت 269 رپيا 63 پئسن تي پهچي وئي. جمعي ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت 262 رپيا 60 پيسا رڪارڊ ڪئي وئي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 273 رپيا آهي.ڪاروباري هفتي جي شروعات ۾ ئي ڊالر جي اگهه ۾ ٻيهر واڌ ٿي وئي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 6 رپيا 40 پئسا مهانگائي کانپوءِ ڊالر جي قيمت 269 رپيا ٿي وئي، گذريل 10 مهينن دوران ڊالر جي قيمت ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ٿي. ان کان اڳ 26 جنوري تي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 24 رپيا 54 پئسا جي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو هو. جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 19 رپيا واڌ ٿي وئي. مٿين واڌ کان پوءِ انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 255 رپيا 43 پيسا تي پهچي وئي هئي، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 262 رپيا ٿي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close