سنڌ

بلاول ڀٽو مودي جو بدصورت چهرو بينقاب ڪري ڇڏيو آهي:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪشميرين سان ايڪتا ڏهاڙي جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 5 فيبروري ڀارتي ظلم ۽ جبر خلاف ڪشميرين جي آزادي لاءِ لازوال جدوجهد جي حمايت جي تجديد جو ڏھاڙو آهي. هن چيو ته ڀارتي تسلط کان آزاديءَ جي جدوجهد ۾ ڪشميري اڪيلا ناهن، اسان ساڻن گڏ آهيون، ڪشميرين پنهنجي قربانين جي ذريعي ڪشمير مسئلي کي زنده رکيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڀارت جو ظلم ۽ جبر ڪشميرين جي مزاحمت جي جذبي کي ختم نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته مودي سرڪار ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري والاريل وادي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، 9 لک ڀارتي فوج وادي جي عوام جي زندگي عذاب ڪري ڇڏي آهي.سنڌ جي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير چيو ته مودي جو اهو هڪ پراڻو خواب ۽ ايجنڊا هو، جنهن تي عمل ڪري هن آر ايس ايس ۽ ھندو انتھا پسندن کي خوش ڪيو آهي. ھن چيو تہ ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني قوم جو اصولي ۽ تاريخي موقف آهي، جنهن تي قائد اعظم کان وٺي اڄ تائين پاڪستاني قوم ۽ ڄمون ڪشمير جا مسلمان قائم آھن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪشمير مسئلي جو حل پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور جو اولين نقطو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه پنهنجي ڪشميري ڀائرن، ڀينرن جي جدوجهد ۾ سندن اخلاقي ۽ سفارتي مدد ڪئي آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عالمي سطح تي مودي جو بدصورت چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تہ پاڪستان پيپلز پارٽي گڏيل قومن جي قراردادن موجب والاريل ڪشمير جي آزادي تائين ڪشميرين جي حمايت جاري رکندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button