سنڌ

ڀارت ڪشميرين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي:بلاول ڀٽو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيستائين ڪشميري ڀارتي ظلمن جو شڪار آهن، پاڪستان ڪڏهن به سڪون سان نه ويهندو ۽ نه خاموش تماشائي بڻبو. بلاول ڀٽو زرداري ڪشميرين سان يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب حق خود اراديت ملڻ تائين ڪشمير مسئلو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ رهندو. هن چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي خاموش نه ويهندو، پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته ستن ڏهاڪن کان ڀارتي فوج ڪشميرين تي ظلم ڪري کين حقن کان محروم ڪيو آهي، ڀارت کي والاريل ماٿري ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ختم ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جو بنياد ئي ڪشمير مسئلو تي رکيو ويو هو، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته ڪشمير مسئلي تي ننڊ ۾ به غلطي نٿو ڪري سگهي، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ڪشميري عوام سان ٻڌي جي اظهار لاءِ ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي فيصلي ذريعي والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي دٻائڻ جو نئون باب کولي ڇڏيو آهي، ڀارتي حڪمرانن چونڊ تڪن جي تازي تڪبندي، غير ڪشميرين کي لکين ڊوميسائل سرٽيفڪيٽس جاري ڪرڻ سان گڏوگڏ ووٽر لسٽن ۾ لکين غير ڪشميرين کي شامل ڪيو آهي، جنهن جو مقصد ڪشميرين کي سندن سرزمين تي بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪشميري مسلسل ڊپ ۾ زندگي گهاري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته ڀارتي فورسز طرفان گهيراءُ ۽ تلاشي جي جڙتو ڪارروائين دوران طاقت جي انڌڌنڌ استعمال ۽ عدالت کان مٿانهين قتل جو سلسلو جاري آهن، ڪشميري غيرقانوني گرفتارين، تشدد ۽ ملڪيتون جي صبط ڪرڻ جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت آبادياتي ڍانچي ۾ ڦيرڦار سميت 5 آگسٽ 2019ع وارو هڪ طرفو ۽ غيرقانوني فيصلو واپس وٺي ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن تي عمل ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button