سنڌ

3 اسپتالون وفاق حوالي ڪرڻ وارو عدالتي فيصلو بيوقوفاڻو هو:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪجهه سال اڳ ڪراچي جي ٽن اسپتالن کي وفاق جي حوالي ڪرڻ واري عدالتي فيصلي کي بيوقوفاڻو قرار ڏئي ڇڏيو. ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته پيشنٽ ايڊ 1991ع کان جناح اسپتال ۾ غريب مريضن جي خدمت ڪري رهي آهي، پيشنٽ ايڊ جناح اسپتال ۾ 2 سائبر نائف ۽ ٽومو ٿراپي جون مشينون لڳايون آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي اسپتالن ۾ بنا ڪنهن فرق جي مريضن جو مفت علاج ڪندي آهي، سنڌ حڪومت ڪينسر جو مفت علاج ڪندي آهي، سنڌ حڪومت ڪينسر جي مريضن لاءِ 340 ملين رپيا منظور ڪيا آهن، پاڪستان جي 167 شهرن ۽ 15 ملڪن جا مريض جناح اسپتال ۾ ڪينسر جو مفت علاج ڪرائي چڪا آهن. مراد علي شاهه چيو ته ڪجهه سال اڳ ڪراچي جي ٽن اسپتالن کي وفاق جي قبضي ۾ ڏيڻ جو عدالتي فيصلو بيوقوفاڻو هو، ان فيصلي سبب مشڪلاتون پيش آيون. هن چيو ته وفاق وٽ وسيلا نه هجڻ سبب اسپتال نه وٺي سگهيو ۽ سنڌ حڪومت کي به ان کي هلائڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button