سنڌ

اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ٺيڪ ناهي،نئون پينڊورا باڪس کلي ويندو:سعيد غني

سنڌ جي ليبر ۽ افرادي قوت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اسان کي جماعت اسلامي جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست تي ڪو اعتراض ناهي پر اسان جو مطالبو آهي ته اسان جي اميدوارن جي ٻيهر درخواست کي به ٻڌو وڃي. اڄ تائين ڪراچي جي ڪنهن به يوسي جو ڪو به نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن يارنهن سيٽن تي چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي، جنهن کانپوءِ ميئر جي چونڊ ٿيندي، اها ڳالهه درست ناهي پر اهو هڪ اهڙو پيندورا باڪس هوندو، جيڪو ايندڙ وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ جي چونڊن جي لاءِ مشڪلات جو سبب بڻجندو. پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي 9 تڪن تان ضمني چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته جماعت اسلامي انهن چونڊن ۾ حصو وٺي ته جيئن پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن ۾ 97 سيٽون کنيون، پيپلزپارٽي جي انهن سيٽن تي ڪاميابي تي حيران ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن بلاول هائوس جي ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري سينيٽر وقار مهدي، ڪراچي ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري، ايم ڪيو ايم مان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ اڳوڻو قومي اسيمبلي جو ميمبر سهيل منصور، فيضان راوت، ضلعي سينٽرل جو دل محمد ۽ شهزاد مجيد پڻ موجود هئا. هن چيو ته اڄ خواجه سهيل منصور جنهن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي ٽڪيٽ تي ٻه ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ڪراچي جي واپاري برادري سان تعلق رکندڙ آل پاڪستان ريسٽورنٽ ايسوسي ايشن جو اڳواڻ فيضان راوت پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آهن. هن چيو ته مان هنن ٻنهي کي پارٽي ۾ ڀليڪار ڪريان ٿو. خواجا سهيل منصور چيو ته مان سعيد غني ۽ ٻين اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪيان ٿو ته مون تي اعتماد ڪيو ۽ منهنجي خواهش تي پارٽي ۾ استقبال ڪيو. هن چيو ته متحده قومي موومينٽ 35 سالن ۾ ڪراچي جي ترقي نه ڏئي سگهي، بلدياتي چونڊن ۾ پ پ کي مينڊيٽ مليو آهي، مون ساڻن گڏجي ڪراچي جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ پ پ کي ڪاميابي ووٽن جي ڪري ملي، جماعت اسلامي، پ پ ۽ پي ٽي آءِ ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڪئي. هن چيو ته جماعت اسلامي جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست تي اسان کي ڪو به اعتراض ناهي. اسان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي اميدوارن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست تي به شنوائي ڪئي وڃي. اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي وفات بابت سوال تي سعيد غني چيو ته هاڻي هو گذاري ويو آهي، ان تي بحث ڪرڻ مناسب ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي جي ڪنهن به يوسي جو اڄ تائين نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان چيو پيو وڃي ته پهرين يارنهن سيٽن تي اليڪشن ٿيندي، جنهن کانپوءِ ميئر جي چونڊ ٿيندي، اها ڳالهه درست ناهي، هن چيو ته هائوس مڪمل ٿيڻ مان مراد مخصوص نشستن سان ٿيندو آهي. اها هڪ خطرناڪ روايت ٿي سگهي ٿي، جيڪا سنڌ لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندي. هن چيو ته اسان جو موقف واضح آهي ته جيڪي چونڊون ٿيون آهن، اهي مخصوص سيٽن ۽ ميئر ۽ چيئرمين لاءِ ٿيڻ گهرجن. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته اسان تڪبندين جو جيڪو نوٽيفڪيشن واپس ورتو هو اهو فرمائش تي واپس ورتو ويو. اڄ به مان ڪنهن به فورم تي ڳالهائي سگهان ٿو ته تڪبندين جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي عادت هئي ته هو پنهنجي پسند جا تڪ بڻائي چونڊون وڙهندا هئا، جڏهن ته پيپلز پارٽي هميشه مخالفن جي ٺاهيل تڪن مان چونڊون وڙهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button