سنڌ

ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي:ناصر شاهه

سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه “ڪشمير يڪجهتي واري ڏهاڙي” جي موقعي تي خصوصي شرڪت ڪئي، ان موقعي تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ، سنڌ جي وڏي وزير جو خاص مددگار طارق حسن، ڪراچي ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر۽ پوليس آفيسر پڻ موجود هئا. ريلي ۾ اسڪول جي شاگردن، استادن، ڪشميري بزرگن، زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ معززين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه “ڪشمير بڻجندو پاڪستان” جا زوردار نعرا هنيا، ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه جي نعرن جو ڀرپور جواب ڏنو. هن چيو ته اسان جو گڏيل قومن کي کان مطالبو آهي ته اقوام متحده جي قراردادن موجب ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي، ڪشميري ڀائرن جي جدوجهد 7 ڏهاڪن کان جاري آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪشمير تي پاڪستان جي موقف کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪيو آهي. ناصر شاهه وڌيڪ چيو ته والاريل ڪشمير تي قبضو ڪيو ويو آهي، اڄ هڪ وڏي جيل بڻجي وئي آهي. ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ۽ مظلوم ڪشميري ڀائر قيد جون سختيون برداشت ڪري رهيا آهن انهن سان ڀرپور اظهار يڪجهتي ڪريون ٿا. ڪشميري عوام تي ڀارتي ظلم وڌي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مودي جو اصل چهرو دنيا کي ڏيکاريو آهي. پاڪستان جو هر فرد چاهي هو ڪنهن به پارٽي ، عقيدي يا زبان سان تعلق رکن ٿا، ڪشمير تي سڀني جو موقف هڪ آهي. پاڪستاني قوم دهشتگردن جي وحشياڻي ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ملڪ جي دشمنن جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان کي پنهنجي موقف کان پوئتي هٽائي نه ٿيون سگهن، اسان جون فورسز فوج ، پوليس، رينجرز ۽ اسان جي قوم دهشتگردي جو پوري قوت سان جواب ڏنو آهي. ريلي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا، ريلي پيپلز چورنگي کان شروع ٿي مزار قائد تي ختم ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button