سنڌ

پنوعاقل ۾ ٻن ڀائرن جي اغوا خلاف احتجاجي ريلي

پنوعاقل مان ڀاءُ سميت اغوا ٿيل سماجي اڳواڻ کي سکر پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، سول سوسائٽي جي سڏ تي سياسي سماجي اڳواڻ، استاد، شاگرد سميت شاعر ۽ اديب سراپا احتجاج بڻجي ريلي ڪڍي جيڪا عيد گاھه چوڪ کان پريس ڪلب پنوعاقل پهتي، جتي سنڌو نواز گهانگرو، شائسته بلوچ، پروفيسر سرور سيف، بيخود بلوچ، پروفيسر سڪندر مھيسر، رفيق سومرو، وحيد چاچڙ، مفتي جميل ڪورائي ۽ ٻين چيو ته سکر پوليس ضلعي ۾ امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آھي، هر آئي ڏينهن سرعام ماڻهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي، سماجي اڳواڻ شفيق واگهو ۽ سندس ڀاءُ عبدالرحيم واگهو گذريل ٽن ڏينهن کان ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آھن پر پوليس ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آھي، هنن چيو ته کڏهري ٿاڻي جي حد مان پڻ ڪجھه عرصو اڳ ٽي پورھيت اغوا ٿيل آهن، جن جي پڻ بازيابي عمل ۾ نه اچي سگھي آھي. مظاھرين مطالبو ڪيو ته اگر مغوي بازياب نه ٿيا ته ايس ايس پي سکر جي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button