بلوچستانپاڪستانخيبرپختونخوا

باجوڙ، ڪوئيٽا ۽ هوشاپ ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگردن جا حملا، 5 اهلڪار شهيد

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف حصن ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگردن جي حملن ۾ 4 اهلڪار شهيد ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽ مطابق خيبر پختونخوا جي قبائلي ضلعي باجوڙ ۾ راغگان ڊيم ڀرسان پوليس اهلڪارن کي ريموٽ ڪنٽرول بم سان نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. هوڏانهن بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران دهشتگردن جي حملي ۾ 2 جوان شهيد ٿي ويا آهن. آ ايس پي آر مطابق سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي هوشاپ ۾ ڳجهي اطلاعن تي آپريشن ڪيو، ٻاهرين حمايت يافته دهشتگردن جا اطلاع مليا هئا، آپريشن دوران دهشتگردن جي حملي ۾ لانس نائيڪ لياقت اقبال ۽ سپاهي رمضان شهيد ٿي ويا. ڪوئيٽا جي علائقي نوان ڪلي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي، هڪ پوليس اهلڪار ۽ ٽن عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button