پاڪستانسنڌ

ناظم جوکيو قتل ڪيس، حساس ادارن تي ٻڌل گڏيل جاچ ٽيم جوڙڻ جي درخواست

ڪراچي: ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ فريادي ۽ مقتول جي ڀاءُ افضل جوکئي جي آءِ ٽي ٺاهڻ لاءِ آءِ جي سنڌ کي درخواست لکي ڇڏي. افضل جوکئي پنھنجي درخواست ۾ لکيو آهي ته 3 نومبر تي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حدن ۾ منهنجي ڀاءُ کي بيرحمي سان قتل ڪيو ويو، مان هيل تائين ٿيندڙ جاچ مان مطمئن ناهيان، ڪيس ۾ مک جوابدارن ڄام اويس ۽ ڄام عبدالڪريم کان صحيح طريقي سان پچا ڳاڇا نه پئي ٿئي.افضل جوکئي درخواست ۾ انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ مشتاق احمد مھر کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ سميت ٻيا سنگين قلم شامل ڪيا وڃن، ايس ايس پي تنوير عالم اوڍي جي سربراهي ۾ نئين گڏيل جاچ ٽيم ٺاهي وڃي، جنهن ۾ رينجرز ۽ ڳجهن ادارن جي آفيسرن کي شامل ڪيو وڃي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button