
ڪوٽڏيجي ويجهو پراسرار نموني باهه لڳڻ سبب 3 گهر سڙي رک ٿي ويا. ڳوٺ نظر محمد پنهيار ۾ پراسرار نموني گهرن کي باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ سبب پورهيتن رجب شيخ، شاهن ۽ بيوه بيگم شيخ جي گهرن ۾ پيل هنڌ بسترا ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ڪنٽرول ڪري ٻين گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو.