سنڌ

شڪارپور ڪاليج ۾ شاگردن جي سرعام هٿيارن جي نمائش

شڪارپور جي تاريخي سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ شاگردن هٿيارن جي نمائش ڪندي ٽڪ ٽاڪ ٺاھيو. ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد شهرين ۾ تا پکڙجي ويو. شڪارپور جي تاريخي حيثيت رکندڙ تعليمي اداري سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ ٻن شاگردن ھٿيارن جي نمائش ڪندي ٽڪ ٽاڪ ٺاھيو. ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو، جنهن بعد شاگردن توڙي والدين ۾ خوف واري صورتحال ڇانئجي وئي. ايس ايس پي شڪارپور توڙي لاڳاپيل ادارن کان فوري طور نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ھوڏانھن ان ڏس ۾ ڪاليج انتظاميا سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر آخري اطلاعن تائين نه ٿي سگھيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button