سنڌ

نئون ديرو ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران مشعل بردار ريلي

سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ديرو پاران سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي. ريلي مختلف رستن کان ٿيندي شهيد راڻي بينظير پريس ڪلب پهتي. ان موقعي تي اڳواڻن استاد گل دايو، ڪامريڊ حسين بخش ناريجو، صاحب خان شيخ، سيد سڪندر راشدي، امداد ميراڻي، ڪاشف منٺار سولنگي، عبداللطيف سولنگي، علي رضا سولنگي، قاضي سعيد، غلام علي، جاني جاويد، بچل منگي، اختر ڀٽو، جي ايم ڀٽو ۽ چيو ته پاڪستان کي آزاد ٿئي 76 ورهيه گذري ويا پر هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو نٿو ڏنو وڃي. انگريزن جي دور ۾ به سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جي حيثيت حاصل هئي ۽ پاڪستان جي قرارداد به سنڌي ٻوليءَ ۾ ئي پاس ڪئي وئي ته هاڻي ڇا سبب آهي جو سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو نٿو ڏنو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته جيستائين سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو قرار نه ڏنو ويندو تيستائين اسان جو احتجاج جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button