اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان جا قرض 63 هزار 868 ارب تائين پهچي ويا، هر شهري سوا 2 لک رپين جو قرضي!

اسٽيٽ بئنڪ ملڪ تي چڙهيل اندرين ۽ ٻاهرين قرضن جا تفصيل جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته پاڪستان جو هر شهري سوا 2 لک رپين جو قرضي آهي، ملڪ جا قرض ۽ بقايائون تاريخ جي سڀ کان مٿانهين سطح 63 هزار 868 ارب تائين پهچي ويا آهن، اتحادي حڪومت جي رڳو شروعاتي 9 مهينن ۾ قرض ۽ رهتون 10 هزار 324 ارب رپين تائين وڌي چڪا آهن، جڏهن ته هڪ سال اندر اندروني ۽ ٻاهرين قرضن ۾ 24 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان جي ٻاهرين قرض ۾ گهٽتائي، جڏهن ته اندروني قرضن ۾ واڌ ٿي آهي، پاڪستان تي قرضن جو مجموعي بار 51 هزار ارب رپين تائين وڃي پهتو آهي. ڊسمبر 2021ع ۾ حڪومت جو مقامي قرض 26751 ارب رپيا، جڏهن ته ٻاهريون قرض 14796 ارب رپيا هو. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان تي هڪ مهيني اندر ٻاهريون قرض 94 ارب رپيا گهٽ ٿيو، نومبر 2022 ۾ پاڪستان تي ٻاهريون قرض 17 هزار 974 ارب رپيا هو، جيڪو ڊسمبر 2022 ۾ گهٽ ٿي 17 هزار 880 ارب ٿي ويو. انگن اکرن موجب پاڪستان تي هڪ مهيني ۾ اندروني قرضن ۾ 186 ارب رپين جي واڌ ٿي آهي، نومبر ۾ پاڪستان جو اندروني قرض 32 هزار 930 اربن مان وڌي ڊسمبر 2022 ۾ 33 هزار 116 ارب رپيا ٿي ويو آهي. نومبر ۾ 50 هزار 996 اربن جا مجموعي ملڪي قرض ڊسمبر 2022 ۾ 51 هزار ارب ٿي ويا. تحريڪ انصاف حڪومت جي آخري 9 مهينن دوران قرضن ۽ رهتن ۾ 5 هزار 717 ارب رپيا تائين اضافو ٿيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button