پاڪستانرانديون

ڪراچي ڪنگز کي پي ايس ايل ۾ لڳاتار ٻي شڪست، اسلام آباد جي ٽيم به ڌوئي ڇڏيو

ڪراچي ڪنگز کي پي ايس ايل سيزن-8 ۾ لڳاتار ٻي شڪست ملي آهي، جنهن کي پشاور زلمي کانپو اسلام آباد يونائيٽيڊ به هوم گرائونڊ تي ناڪامي جو منهن ڏيکاريو آهي. ڪراچي جي نيشنل ڪرڪيٽ ارينا ۾ کيڏيل پي ايس ايل دنگل ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم ڪراچي ڪنگز کي 4 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو. اسلام آباد ٽاس کٽڻ بعد پهرين بالنگ جو فيصلو ته بالرن ڪراچي کي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 173 رنسن تائين محدود ڪيو، ميزبان ٽيم طرفان حيدر علي 59 ۽ شرجيل خان 34 رنسن سان نمايان رهيا. جواب ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ 19 هين اوور ۾ ٽارگيٽ 6 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري پهرين ڪاميابي حاصل ڪئي. ڪولن منرو 58، اعظم خان 44 ۽ واندير ڊوسين 31 رنسون ٺاهي سوڀ ڏياري. پي ايس ايل ۾ اڄ شام 6 وڳي ملتان سلطانز جو پشاور زلمي سان مقابلو ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button