اسلام آبادپاڪستان

عدالتي حڪم بار بار نظرانداز، عمران خان پيش نه ٿيو، حفاظتي ضمانت رد

لاهور ها ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي بار بار گهرايو پر هو نه آيو، جنهن تي عدالت تحريڪ انصاف چيئرمين جي حفاظتي ضمانت واري درخواست رد ڪندي سومر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عمران خان کي پيش ٿي وضاحت نه ڏيڻ جي صورت ۾ توهين عدالت جو نوٽيس اماڻڻ جو اشارو پڻ ڏنو ويو، عدالت چيو آهي ته اسان وٽ ضمانت جي درخواست خارج ڪرڻ کان سوا ٻيو ڪو رستو ناهي. تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان کي پيش ٿيڻ لاءِ 4 ڀيرا مهلت ڏني پر هو پيش نه ٿيو. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته پنج ڀيرا مهلت ڏيڻ باوجود عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو. واضح رهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان اسلام آباد جي سنگجاڻي ٿاڻي ۾ دهشتگردي جي قلمن تحت داخل ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏني هئي، جنهن تي ٻه رڪني بئنچ جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ڪئي. عمران خان طرفان داخل درخواست ۾ چيو ويو ته عدالتن جو احترام ڪريون ٿا، اسلام آباد جي عدالتن سان رابطو ڪرڻ چاهيو پر گرفتاري جو خدشو آهي، قاتلاڻي حملي بعد ڊاڪٽر مڪمل آرام جي صلاح ڏني آهي، مڪمل بيڊ ريسٽ سبب لاڳاپيل عدالت سان به رابطو نٿو ڪري سگهان، لاڳاپيل فورم سان رابطي لاءِ عدالت 15 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت ڏئي. تحريڪ انصاف چيئرمين جي وڪيل چيو ته مثال موجود آهن ته جوابدار جي پيشي بنا حفاظتي ضمانت ڏني وئي، جنهن تي جسٽس علي باقر نجفي رمارڪس ڏنا ته توهان امڪاني گرفتاري کان بچڻ لاءِ ضمانت جي درخواست ڏني آهي، اسان کي ته اصول خبر آهي ته گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ پيشي لازمي آهي. وڪيل چيو ته عمران خان عام ماڻهو ناهي، هو هڪ مقبول وڏي سياسي جماعت جو سربراهه آهي، جنهن تي جسٽس علي باقر نجفي چيو ته اسان جو دارومدار قانون جي دائري تي آهي، قانون چئي ٿو ته جوابدار جي پيشي ضروري آهي، اسان ميڊيڪل رپورٽ ڏٺي آهي، ڪٿي ناهي لکيل ته ويل چيئر تي نٿو اچي سگهي. لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان کي حفاظتي ضمانت لاءِ ساڍي 6 وڳي تائين پيش ٿيڻ جي مهلت ڏني پر هو پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت درخواست خارج ڪري ڇڏي. جسٽس طارق سليم شيخ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته عمران خان کي عدالت ۾ اچي حلفيا طور پنهنجي صحيح جي وضاحت ڪرڻي پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button