اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

مختلف شعبن لاءِ گئس 16 کان 112 سيڪڙو تائين مهانگي

اسلام آباد :آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم ڊويزن جي سفارش تي گئس جي قيمتن ۾ 112 سيڪڙو تائين واڌ ڪري ڇڏي. اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گھريلو واهپيدارن سميت مختلف شعبن جي لاءِ گئس 16 کان 112 سيڪڙو تائين مهانگي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته گهريلو واهپيدارن کي 12 مختلف پروٽيڪٽڊ ۽ نان پروٽيڪٽڊ ڪيٽيگرين ۾ ورهايو ويو آهي. پڌرائي موجب پروٽيڪٽڊ ڪيٽيگرين جا چار سليبسز ٺاهيا ويا آهن، پروٽيڪٽڊ ڪيٽيگري ۾ ماهوار 25 مڪعب ميٽر وارن واهپيدار شامل هوندا جڏهن ته 50 مڪعب ميٽر، 60 مڪعب ميٽر ۽ 90 مڪعب ميٽر ماهوار وارن واهپيدار به پروٽيڪٽڊ ڪيٽيگري ۾ شامل آهن. اوگرا پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گئس جا نوان اگهه پهرين جنوريءَ کان لاڳو هوندا. ياد رهي ته وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ به ٻاويهه رُپين کان وڌيڪ واڌ ڪئي آهي جڏهن ته ايل پي جي جي قيمت ۾ پڻ اضافو ٿي ويو آهي. جڏهن ته تيل اگهن ۾ واڌ بعد ايل پي جي قيمتن ۾ به اضافو ڪري ڇڏيو آهي. ايل پي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ۽ نوان اگهه رات کان لاڳو هوندا. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب يل پي جو گهريلو سلينڊر 26 رپيا 62 پئسا مهانگو ڪيو ويو آهي ۽ ايل پي جي جو 11 ڏهائي اٺ ڪلو گرام واري گهريلو سلينڊر جي قيمت 3141 رُپيا آهي. ايل پي جي 26 رپيا 66 پئسا مهانگي ٿيڻ بعد 266 رپيا 21 پيسا في ڪلو ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button