اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ڪراڪري،چاڪليٽ،پرفيوم،ميڪ اپ تي به ٽيڪس 25 سيڪڙو آهي:ايف بي آر

اسلام آباد :فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين آصف احمد ڪميٽي کي نون ٽيڪسز بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪندي چيو آهي ته ڪراڪري، چاڪليٽ، پرفيوم، ڪاسميٽڪس تي به ٽيڪس 25 سيڪڙو ڪري ڇڏيو. سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيئرمين ايف بي آر ڪميٽي کي ٻڌايو ته سمورين امپورٽيڊ لگزري شين تي 25 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو پيو وڃي جن ۾ امپورٽيڊ گاڏيون، ميڪ اپ جو سامان ۽ ڪاسميٽڪس شامل آهن. امپورٽڊ واٽر، هوم امپلائينسز، ڪراڪري، فوٽ ويئر، امپورٽيڊ فرنيجر، چاڪليٽ، پرفيوم، ڪارن فليڪس ۽ باٿ روم جي امپورٽيڊ سامان تي به 25 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو. هن چيو ته پهريان لگزري امپورٽِيڊ شين تي جي ايس ٽي جي شرح 17 سيڪڙو هئي. جڏهن ته 300 کان 500 ڊالر جي موبائيل فون تي ٽيڪس 17 مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي. 500 ڊالر کان وڌيڪ رقم جي موبائيل فون تي ٽيڪس 17 مان وڌائي 25 سيڪڙو ڪيو آهي. حڪومت کي ڪابينا مان منظوري کان پوءِ ٽيڪس ۾ ڦيرڦار جو اختيار آهي، ضمني بجيٽ جي ذريعي 170 ارب رپين جا ٽيڪس لڳايا ويا آهن ۽ 30 جون تائين جو خسارو پورو ڪرڻ لاءِ اضافي ٽيڪس لڳايا ويا، هي رقم ساڍن چئن مهينن ۾ گڏ ڪرڻي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button