سنڌ

اولاد نه ٿيڻ تي مڙس بهتان هڻي رهيو آهي:ڄامشورو واسڻ

ڄامشورو ۾ ڳوٺ پيرباجدي جي رھواسڻ عورت حڪيمان ملاح ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پھچي پنھنجي مڙس ميرمحمد ملاح خلاف احتجاج ڪندي چيو آھي ته منھنجو مڙس مير محمد ملاح مھراڻ يونيورسٽي ۾ پٽيوالو آھي، مونکي اولاد نه ٿيڻ تي تشسد ڪري مارڪٽ ڪرڻ بعد ھن ٻي شادي ڪئي آھي ۽ مونکي بنا جواز تنگ ڪري پوليس ۽ پنھنجي ساٿين جي ھٿان حراسان ڪري رھيو آھي، هو منھنجي خريد ڪيل گھر تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو. ھن چيو ته مڙس ميرمحمد ملاح منھنجي مٿان ڪوڙا ڪارو ڪاري جا الزام ھڻي مونکي مارڻ چاھي ٿو ۽ گھر تي زبردستي قبضو ڪري وڪرو ڪرڻ چاھي ٿو. ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مون مسڪين عورت سان انصاف ڪري ظالم مڙس جي ناانصافين جو نوٽيس وٺي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button