پاڪستانسنڌ

ريتن رسمن تي عمل سان برادرين ۾ اتفاق پيدا ٿئي ٿو:گل محمد رند

سڪرنڊ :ڳوڻي وفاقي سيڪريٽري ۽ همدرد آرگنائيزيشن جي باني چيئرمين گل محمد رند چيو آهي ته خانداني ۽ ثقافتي ريتن رسمن تي عمل ڪرڻ سان برادرين، قبيلن ۽ قومن ۾ اتفاق پيدا ٿئي ٿو. ڪالهه ڪامل خان رند ۽ اقبال احمد رند جي پي محمد سومر رند جي وفات کانپوءِ سندس وڏي فرزند غلام حيدر رند جي دستار بندي واري رسم تي منعقد تعزيتي پروگرام کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته مرحوم سومر رند پنهنجي زندگيءَ ۾ هميشه برادري ۽ گهر ڀاتين کي گڏ کڻي هليو، اسان کي سندس فرزند مان به اميد آهي ته هُو والد جي پڳ جي لڄ رکندو. پروگرام ۾ همدرد سپورٽ پروگرام جي چيئرمين قاضي جاويد سنائي، موٽري وي آفيسر ارباب علي زرداري، اصغر علي خاصخيلي، امير گل رند، راشد علي کهڙو، ڌڻي بخش مگسي، صاحب نوناري سميت چڱن مڙسن شرڪت ڪري پڳ جا ور ڏنا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button