پاڪستانخيبرپختونخوا

فيبروري مارچ تائين پي ڊي ايم جو قصو ختم ٿي ويندو: اسد عمر

پشاور: منصوبا بندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آھي ته سياري ۾ جيئن بيماريون اينديون آھن، پي ڊي ايم بھ موسمي بيماري آھي، انھي کي ويڪسين لڳندي تھ پوءِ ھلي ويندي، فيبروري مارچ تائين پي ڊي ايم جو قصو ختم ٿي ويندو. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته آءِ ايم ايف سان معاھدي جي صورتحال شوڪت ترين ئي ٻڌائي سگھي ٿو. هن چيو ته نوجوانن جو مستقبل تمام گھڻو روشن ڏسي رھيو آھيان، موجودا حڪومت ۾ 23 لک نوڪريون ڏنيون آھن، زراعت جي شعبي ۾ ماڻھن کي گھڻيون نوڪريون مليون آھن، آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوڪرين جا موقعا ملي رھيا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button