اسلام آبادپاڪستان

حڪومت جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار،بل قانونسازي ڪميٽي ۾ غور هيٺ آندا وڃن:اپوزيشن

اسلام آباد :گڏيل اپوزيشن اهم قومي معاملن تي قانون سازي لاءِ قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر طرفان لکيل خط جي جواب ۾ چيو آهي ته شخصي بنيادن تي قانونسازي لاءِ حڪومت جو ساٿ نٿو ڏئي سگهجي. ڪالهه اپوزيشن جماعتن جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو ورچوئل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ يوسف رضا گيلاني، شاهد خاقان عباسي، اياز صادق، خواجا سعد رفيق، مريم اورنگزيب ۽ شزا فاطمه شريڪ ٿيا، جڏهن ته ورچوئل اجلاس ۾ شيري رحمان، شازيا مري ۽ ڪامران مرتضيٰ به شرڪت ڪئي. اسٽيئرنگ ڪميٽي جي ورچوئل اجلاس ۾ قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر طرفان اپوزيشن کي لکيل خط جي جواب لاءِ متن جي نڪتن تي غور ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته قانون سازي اهڙي هجي، جيڪا آئين ۽ قانون موجب هجي.ڪميٽي ميمبرن جو چوڻ هو ته حڪومت نيب چيئرمين جي مقرري جي معاملي ۾ آئين جي ڀڃڪڙي چاهي ٿي، شخصي بنيادن تي قانون سازي جي معاملي ۾ حڪومت جو ساٿ نٿو ڏئي سگهجي پر حڪومت سان قانون بهتر بڻائڻ تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي. اسٽيئرنگ ڪميٽي، سينيٽ چيئرمين جو ڪميٽي ميمبرن جي تبديلي جو نوٽيفڪيشن رد ڪندي چيو ته حڪومت ڄاڻي واڻي ڪميٽي ۾ ٻن اهڙن ميمبرن کي شامل ڪيو، جيڪي اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪيون ڏيندا رهيا. حڪومت طرفان ڪميٽي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ ق ليگ جي نمائندگي ختم ڪرڻ تي به خدشن جو اظهار ڪيو ويو.ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيئرنگ ڪميٽي ان معاملي تي ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان سان به رابطو ڪندي. ورچوئل اجلاس ۾ قومي اسيمبلي اسپيڪر جي خط جي جواب ۾ چيو ويو ته گذريل 8 هفتن ۾ پارلياماني ڪميٽي جو هڪ به اجلاس نه ٿيو، ڪميٽي جا 3 اجلاس 9 جون، 10 آگسٽ ۽ 9 سيپٽمبر تي ٿيا، حڪومتي ميمبرن جي عدم سهڪار سبب ضابطي جي شرطن کي حتمي شڪل نه ملي سگهي. اپوزيشن طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ان دوران تجويز ڪيل مسودن جو قانوني مدو پورو ٿي ويو يا وري سينيٽ ان کي رد ڪري ڇڏيو، اهي تجويز ڪيل قانوني مسودا پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس حوالي ٿي چڪا آهن، انهن حالتن ۾ قانون سازي لاءِ جوڙيل توهان جي ڪميٽي جو مقصد فوت ٿي چڪو آهي. اپوزيشن جو موقف آهي ته قومي مفاد لاءِ قانون سازي اتفاق راءِ ۽ مشاورت سان ٿيڻ گهرجي، پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن تي ٻڌل ڪميٽي چونڊ سڌارن جي سڄي پيڪيج کي غور هيٺ آڻي. پارلياماني ڪميٽي چونڊ (ترميمي) بلز 2021 سميت چونڊ سڌارن جو پيڪيج اتفاق راءِ سان تيار ڪري. اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهو به چيو ويو ته ٻنهي ايوانن جي ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي سڌارن جو جائزو وٺي گڏيل منظوري ڏئي، پارلياماني ڪميٽي 25 جولاءِ 2014 ۾ جوڙيل ڪميٽي جي بنياد تي ٺاهي وڃي، 25 جولاءِ 2014 ۾ جوڙيل ڪميٽي 117 اجلاس ڪيا، ڪميٽي گڏيل طور تي 20 نومبر 2017 ۾ چونڊ سڌارا منظور ڪيا. گڏيل اپوزيشن جي خط ۾ لکيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي مان منظور ۽ سينيٽ مان رد ٿيندڙ بل قانون سازي بابت ڪميٽي جي غور هيٺ آندا وڃن، اسان سمجهون ٿا ته قومي اهميت جي معاملن تي اتفاق راءِ گهربل آهي، پارلياماني طريقيڪار ۽ روايتن کي اختيار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button