غير درجه بندي

کنڊ 43 رپيا سستي ٿي،ميڊيا رڳو سازشي خبرون ڏيندي آهي:فواد چوڌري

اسلام آباد:سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته کنڊ جي قيمت ۾ 5 يا 10 نه 43 رپين تائين لاٿ ٿي آهي پر مجال آهي جو ميڊيا تي خبر اچي. ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته کنڊ جي قيمت 5 يا 10 رپيا نه 43 رپيا لاٿ ٿي آهي پر اسان جي ميڊيا تي اها خبر نه هلائي وئي. اصل ۾ اسان جي ميڊيا 24 ڪلاڪ رڳو سازشون ۽ غير مستحڪم ٿيڻ جون خبرون ئي ٻڌائيندي آهي. ناڪاري ميڊيا جو فيڪ نيوز سان رابطو ملڪ لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي، تنهن ڪري نوان قانون ضروري آهن. هن چيو ته مسابقتي ڪميشن شگر ملز تي 46 ارب رپين جو ڏنڊ هنيو ۽ شگر ملز وارا منع نامو وٺي ويهي رهيا، عدالتن کي درخواست آهي ته انهن ڪيسن تي جلد فيصلا ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button