پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي ۾ قبرستان تي قبضي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

عثمان شاهھ ھڙي: عثمان شاهھ ھڙي ويجهو يوسي هنگوراڻي جي مختلف ڳوٺن جي سوين ماڻهن بااثر پاران ڳوٺ جي قديمي قبرستان معصوم شاهه کي مسمار ڪري زمين آباد ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن ڌڻي بخش مري، عبدالرشيد سهتو، محمد متل سهتو، نمون مهڪاڻي، ياسين مري، منظور سهتو ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان هتي جا قديمي رهواسي آهيون، هن قبرستان ۾ مختلف ڳوٺن ڳوٺ دودو سهتو، دل مراد مري، رکيل خان مهڪاڻي، ميهار ساند، پير غلام حيدر شاهه جي رهواسين جا ماڻهو دفن ٿيل آهن، اسان جا ابا ڏاڏا معصوم شاهه جي قديمي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن، پر علائقي جو بااثر دلبر ميرجت ۽ ٻيا 6 ايڪڙن تي مشتمل قبرستان کي مسمار ڪري زرعي زمين آباد ڪرڻ لا ٽيوب ويل به لڳرائي ڇڏيا آهن. هنن چيو ته بااثر قبرستان تي قبضو ڪرڻ لا اسان کي حراسان ڪري ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هنن ڊي سي ٽنڊوالهيار ولي محمد بلوچ ۽ ايس ايس پي رخسار احمد کهاوڙ کان گهر ڪئي ته قبرستان تي قبضو ڪندڙ بااثر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري قبرستان تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button