سنڌ

شوڪت شورو ڪهاڻين ۾ غريب طبقي جي عڪاسي ڪئي:احمد سولنگي

ڪوٽڙي ۾ ساس پاران سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار ليکڪ شوڪت حسين شورو کي علمي ادبي خدمتن عيوض مڃتا ڏيڻ لا سندس تصوير آڏو گلن جي ڀيٽا ڏئي ميڻ بتيون ٻاريون ويون. تقريب ۾ خطاب ڪندي ساس جي مرڪزي سيڪريٽري احمد سولنگي چيو ته شوڪت حسين شورو ڪمال جو ڪهاڻيڪار هو، هن سنڌ جي ٻهراڙي کي پنهنجي ڪهاڻين جو حصو بڻائي سنڌ جي ننڍي طبقي جي عڪاسي ڪئي، هن ڪوٽڙي ۾ ادبي سنگت جو بنياد رکيو، هن پنهنجي قلم ذريعي سنڌ جي خدمت ڪئي، سندس نالو وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو، اسان هڪ بهترين ڪهاڻيڪار کان محروم ٿي ويا آھيون. ليکڪ محمد خان ابڙو خطاب ڪندي چيو ته شوڪت شورو ادبي کيتر ۾ وڏو نان رهو، هن جي شخصيت هڪ متاثر ڪندڙ شخصيت رهي، هن ساري ڄمار جيڪو لکيو، اهو سنڌ جي مستقبل روشن ڪارڻ لکيو، شوڪت شورو جي ڪهاڻين ۾ سنڌ جي ترقي جا رستا هموار ڪرڻ شامل آھي. هن چيو ته شوڪت شورو چار ڪهاڻيون شاگرد اڳواڻ، اوپرو ماڻهو،اکين ۾ ٽنگيل سپنا ۽ خوف جي علامت ڪمال ڪهاڻيون آھن. تقريب کي شاعرا گلبدن جاويد مرزا چيو خطاب ڪندي چيو ته هن پهرين ڪهاڻي ماهوار رسالي روح رهاڻ ۾ لکي هئي، سنڌي ڪهاڻي جو منفرد ليکڪ هو، سندس وڇوڙي سان ادبي کيتر ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آھي. اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو، عاجز ڌامراه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شوڪت حسين شورو ھڪ بھترين شاعر ھو، سنڌ جي شان ھو ۽ سنڌ جي لا ڪيتريون ڪھاڻيون لکيون ۽ ڊراما پڻ لکيا. ان موقعي تي شوڪت حسين شورو کي گيت ڳائي تصوير اڳيان گلابن جا گل رکي، ميڻ بتيونباري ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي اسرار لغاري، لطيف شورو،آخوند جاويد، غلام رسول غرق ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button