پاڪستانسنڌ

پيرومل ۾ جهيڙي ۾ قتل ٿيل همراهه جي زخمي پٽن مان هڪ فوت

سانگهڙ: پيرومل ۾ جهيڙي دوران قتل ٿيل همراهه جو زخمي ٿيل پٽ به نوابشاهه اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، وارثن جوابدارن جي گرفتاري لا احتجاج ڪيو. رپورٽ موجب پيرومل ٿاڻي جي حد ڳوٺ در محمد بگٽي ۾ چار ڏينهن اڳ مال جي ڀيل تان بگٽي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو هو، جنهن دوران ۾ موج الدين بگٽي قتل ٿي ويو هو، سندس 2 پٽ احمد خان بگٽي ۽ بشير احمد بگٽي زخمي ٿي پيا هئا. گذريل ڏينهن زخمي ٿيل احمد خان بگٽي سول اسپتال نوابشاھه ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. جنهن بعد سندس وارثن غلام حيدر، علي خان بگٽي ۽ ٻين سانگھڙ سول اسپتال جي ايمرجنسي اڳيان سخت احتجاج ڪيو. هنن چيو ته جھيڙي جي پھرين ڏينهن موج الدين بگٽي قتل ٿي ويو هو، گذريل رات سندس پٽ احمد به فوت ٿي ويو، پي پٽ جي قتل باوجود پوليس اڃا تائين اصل قاتل گرفتار ئي ناهن ڪيا، اسان سان ظلم ٿيو آهي، ڪنهن جي ٻڪري چوري ٿي وڃي ته پوليس حرڪت ۾ اچي وڃي ٿي، پر 2 ماڻهو قتل ٿيڻ باوجود پوليس خاموش آهي. وارثن آ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي سانگهڙ کان مطالبو ڪيو ته فورن مک جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ايس ايڇ او گلزار مري ٻڌايو ته پوليس پنهنجو ڪم ڪري پئي، ھڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو آهي، ڪيس ۾ جن جا نالا آهن، اهي جوابدار گهر ڇڏي ڀڄي ويا آهن، پر پوليس گرفتاري لا ڪوششون ڪري پئي، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا. ھوڏانھن لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button