پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو ۾ آ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جي لسٽ پڌري نه ڪرڻ خلاف مظاهرو

ڇاڇرو: ڇاڇرو، ڏاهلي ۽ ننگرپارڪر جي آ بي اي ٽيسٽ پاس نوجوانن قربان ٿري، عبدالقيوم نهڙي، رفيق گجو، قيوم سميجو، راشد ٿري، اسلام الدين سميجو، سائين بخش سمون ۽ ٻين مک چوڪ تي نٽھڻ اس ۾ مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته جلد هارڊ ايريا ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ جي يوسيز جو 19 مارچ 2021ع تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي عمل ڪري 33 سيڪڙو تي پاس ٿيل اميدوارن جي لسٽ پڌري ڪئي وڃي، خدشو آهي ته ٿرپارڪر وارن سان ناانصافي نه ٿئي، اسان آ بي اي وارن جي ڏنل نمبر تي رابطو ڪريون ٿا ته چون ٿا ته اسان سنڌ سرڪار کي پاس ٿيل اميدوارن جي فائنل لسٽ ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي به جاري ڪئي آهي، پر ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن جي لسٽ پڌري ناهي ڪئي وئي، سنڌ سرڪار ۽ آ بي اي وارن جي موقف ۾ تبديلي اچي رهي آهي، اهو لڳي رهيو آهي ته آسرن ۾ رلايو ويندو. سنڌ سرڪار پنهنجي ڪيل فيصلي تي عمل نه ڪيو ته ٿرپارڪر ۾ مظاهرا ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button