سنڌ

ڪراچي واقعو: زخمي ٿيل اهلڪار فوت،شهيدن جو انگ 5 ٿي ويو

ڪراچي پوليس آفيس (ڪي پي او) تي حملي ۾ زخمي ٿيل هڪ ٻيو پوليس اهلڪار فوت ٿي ويو، جنهن بعد شهيدن جو انگ 5 ٿي ويو آهي.پوليس موجب جمعي جي شام ڪراچي پوليس آفيس تي حملي ۾ اهلڪار عبداللطيف به زخمي ٿي پيو، جنهن جو اسپتال ۾ علاج هلندڙ هو پر هو فوت ٿي ويو. پوليس اختيارين موجب اهلڪار عبداللطيف سڪيورٽي ڊويزن ۾ مقرر هو. ٻئي طرف ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جو ڪيس ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. واقعي جو ڪيس صدر ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ دهشتگردي، قتل ۽ قتل جي ڪوشش سميت ٻيا قلم شامل آهن. ڪيس حملي آورن، فرار جوابدارن ۽ سهولتڪارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button