سنڌ

شيخ رشيد پنڊي شهر تي ڪارو داغ آهي:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ شيخ رشيد جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته شيخ رشيد پنڊي شهر تي ڪارو داغ آهي، آصف علي زرداري تي الزام لڳائي سياسي منظرنامي ۾ رهڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري انتقام جي سياست تي يقين نٿو رکي، آصف علي زرداري ته انهن ماڻهن کي به معاف ڪيو، جن هن ۽ سندس خاندان کي بدترين سياسي انتقام جو نشانو بڻايو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سڀ کان وڌيڪ انتهاپسندي جو نشانو بڻجندي رهي آهي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري انتهاپسندي کي عمران خان خلاف استعمال ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهي. شيخ رشيد وٽ جيڪڏهن ثبوت آهن ته عدالت ۾ پيش ڪري، ٽي وي تي اچي ڀڀڪيون هڻڻ شيخ رشيد جي عادت بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته شيخ رشيد هر 15 ڏينهن کانپوءِ آر يا پار جون نيون تاريخون ڏيندو رهندو آهي، شيخ رشيد چار راتيون لاڪ اپ ۾ نه گذاري سگهيو، معافي وٺي ٻاهر آيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شيخ رشيد اهم وزارتن جا مزا ماڻيندو رهيو آهي. ايندڙ چونڊن کان اڳ نئون شڪار ڳولي رهيو آهي. هوڏانهن اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو آهي ته صدر عارف علوي کي صدر جي منصب ۽ ڪردار کي سمجهڻ گهرجي. هن چيو ته صدر کي ٽائيگر فورس جي ميمبر وانگر ڪم نه ڪرڻ گهرجي. صوبائي وزير چيو ته صدر فورسز جو سپريم ڪمانڊر آهي پر بدقسمتي سان صدر مملڪت جو پٽ فورسز خلاف سوشل ميڊيا مهم ۾ ملوث آهي. هن چيو ته اهڙن ماڻهن کي شرم اچڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button