پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي ۾ تعمير ٿيندڙ لنڪ روڊ اکڙُڻ شروع

عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاھه ھڙي ويجھو ڳوٺ مال خان ٿيٻو کان وايا اولڊ ميرآباد روڊ جي تعميراتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب لکين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ لنڪ روڊ ٺھڻ کان اڳ ھنڌان ھنڌان ٽٽي ويو. جڏهن ته علائقي جي معززن فقير مجيد مڱريو، غلام قادر خاصخيلي، بھادر لاشاري ۽ ٻين ٻڌايو ته صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز سيد ضياءُ عباس شاهه رضوي جي ٿورن سان لنڪ روڊ مال خان ٿيٻو وايا اولڊ ميرآباد جو تعميراتي ڪم شروع ٿيو، جنهن ۾ ٺيڪيدار ناقص مٽيريل استعمال ڪري ڪم اڌ ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي، روڊ ۾ وڇايل پٿر نڪرڻ شروع ٿي ويا آهن، هاڻ ٽرئفڪ کي تڪليف ٿي رهي آهي، پر ڪير به نوٽيس وٺڻ لا تيار ناهي. علائقي واسين صوبائي وزير سيد ضياءُ عباس شاھ رضوي کي اپيل ڪئي ته لنڪ روڊ جو ڪم جلد مڪمل ڪرائي ٺيڪيدار خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ روڊ ڪارپيٽ ٺهرائي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button